04/02/2026
ڪُل 294 نوڪريون موجود آهن۔
سنڌ ڊوميسائيل رکندڙ اميدوارن لاءِ بهترين موقعو
سنڌ صوبي جي ڊوميسائيل رکندڙ اهل اميدوارن کان پراسيڪيوٽر جنرل سنڌ، پارلياماني معاملن ۽ ڪرمنل پراسيڪيوشن ڊپارٽمينٽ، حڪومت سنڌ جي آفيس ۾ ھيٺ ڏنل خالي جاين لاءِ درخواستون گھرجن ٿيون. درخواستون اشتهار جي اشاعت کان 30 ڏينهن اندر ڏنيون وڃن.
عمر جي حد وڌ ۾ وڌ 28 سال هوندي، جتي الڳ نه ڄاڻايل هجي.
جونيئر اسڪيل اسٽينوگرافر
تعليمي قابليت: هائير ايجوڪيشن ڪميشن پاران تسليم ٿيل يونيورسٽي مان گهٽ ۾ گهٽ سيڪنڊ ڊويزن سان گريجوئيشن.
اضافي قابليت: سنڌ بورڊ آف ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن يا STEVTA پاران تسليم ٿيل اداري مان انگريزي شارٽ هينڊ ۽ ٽائپنگ سرٽيفڪيٽ. شارٽ هينڊ رفتار 120 لفظ في منٽ ۽ ٽائپنگ رفتار 35 لفظ في منٽ.
ڪمپيوٽر ۾ MS Office جو سرٽيفڪيٽ پڻ لازمي.
اسسٽنٽ
تعليمي قابليت: هائير ايجوڪيشن ڪميشن پاران تسليم ٿيل يونيورسٽي مان گهٽ ۾ گهٽ سيڪنڊ ڊويزن سان بي اي، بي ڪام يا بي بي اي.
ڊيٽا انٽري آپريٽر
تعليمي قابليت: هائير ايجوڪيشن ڪميشن پاران تسليم ٿيل يونيورسٽي مان گهٽ ۾ گهٽ سيڪنڊ ڊويزن سان گريجوئيشن.
اضافي قابليت: سنڌ بورڊ آف ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن پاران تسليم ٿيل اداري مان ڪمپيوٽر سائنس ۾ ڊپلوما.
جونيئر ڪلارڪ
تعليمي قابليت: هائير ايجوڪيشن ڪميشن پاران تسليم ٿيل يونيورسٽي مان گهٽ ۾ گهٽ سيڪنڊ ڊويزن سان گريجوئيشن.
اضافي قابليت: سنڌ بورڊ آف ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن يا ٽريڊ ٽيسٽنگ بورڊ پاران تسليم ٿيل اداري مان ڇهن مهينن جو MS Office سرٽيفڪيٽ ڪورس.
درخواست ڏيڻ جو طريقو
اهي اميدوار جيڪي مٿين گهرجن تي پورو لهن ٿا، اهي سنڌ حڪومت جي جاب پورٹل تي آن لائن درخواست ڏين.
گريجوئيشن ڪيٽيگري وارن اميدوارن لاءِ لازمي آهي ته اهي IBA ٽيسٽنگ سروسز يا SIBA ٽيسٽنگ سروسز پاران ورتل جنرل اسڪريننگ ٽيسٽ ۾ گهٽ ۾ گهٽ 40 سيڪڙو نمبرن سان پاس ٿيل هجن ۽ لاڳاپيل سرٽيفڪيٽ رکن.
عمر جي ڳڻپ سنڌ حڪومت جي سروس رولز مطابق ڪئي ويندي. ڪوٽا پاليسي سنڌ حڪومت جي لاڳو قانونن ۽ ضابطن موجب لاڳو ٿيندي.
جيڪي اميدوار اڳ ئي سرڪاري نوڪري ۾ آهن، اهي درخواست ڏيڻ وقت پنهنجي اداري کان اين او سي حاصل ڪن ۽ انٽرويو وقت اصل اين او سي پيش ڪن.
مقرريون سنڌ سول سرونٽس ايڪٽ 1973 ۽ لاڳو رولز تحت ڪيون وينديون.
انٽرويو وقت سڀ اميدوار اصل دستاويز ڊپارٽمينٽل سليڪشن ڪميٽي آڏو پيش ڪندا.
آفيس آف دي پراسيڪيوٽر جنرل سنڌ
انفارميشن ڊپارٽمينٽ جاب پورٹل